طبقات الڪبير

طبقات الڪبير

طبقات الڪبير

طبقات الڪبير (ڪتاب): هي جڳ مشهور ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ ابي عبدالله محمد بن سعد جو تصنيف ڪيل آهي جيڪو ٻارنهن جلدن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ مضمونن ۽ مقالن کي طبقاب (حصن) ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ سڀ کان پهرين پاڻ سڳورن صلعم جن، کانئس پوءِ سندس اصحاب، مهاجرين ۽ انصارين، پوءِ تابعين ۽ ان کان پوءِ تبع تابعين جو وقت، ڪم ۽ ڪارنامن وغيره جو ذڪر ”طبقات“ مطابق ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو منصف ابن سعد بغداد جو رهاڪو هو، 230هه/845ع ۾ وفات ڪئي. هن ڪتاب جي سنڌ جي تاريخ لاءِ اها اهميت آهي ته ان ۾ بنو اسد قبيلي جو تفصيلوار احوال موجود آهي، جنهن سان پاڻ سڳورن صلعم جن جو مائٽاڻو ناتو هو. هباري خاندان جنهن منصوره (سنڌ) تي حڪومت ڪئي آهي بنواسد قبيلي جي شاخ مان هئا. ’طبقات الڪبير‘ پروفيسر زخائو ايڊٽ ڪيو ۽ ليدن ۾ 1322هه/1904ع ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو